شير خواجه

شير خواجه: مغل گورنرن واري دور ۾ بکر ۾ شمشير خان جي بدليءَ کانپوءِ شير خان خواجه حڪمران مقرر ٿيو، سيد باقي خان خواجه جي بهادريءَ جي ڪارنامن سبب اڪبر بادشاهه کيس ’شير خواجه‘ جو لقب ڏنو. اڪبر بادشاهه جي وفات کانپوءِ جهانگير به هن کي خلعت عطا ڪئي، هن جو اصل نالو سيد بادشاهه خواجه هو. شاهجهان به هن کي چار هزار ذات (پيادل) هڪ هزار سوارن جو منصب ۽ خواجه باقي خان جو خطاب ڏنو، پوءِ ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو. ان کان اڳ شير خواجه کي جهانگير بادشاهه 1032هه/1622ع ۾ بکر جو عملدار مقرر ڪيو. شير خواجه بکر ۾ پنهنجا عملدار موڪليا ۽ پاڻ جهانگير جي خدمت ۾ رهيو. شير خواجه جا عملدار جڏهن بکر پهتا ته چغل خور ۽ خوشامدين ماڻهن موقعي جو فائدو وٺي هنن جا ڪن ڀريا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو شير خواجي عملدارن، اشرافن توڙي ڪميڻن سان ڏاڍا ظلم ڪيا ۽ عوام سان به گھڻو ناحق ڪيائين. هنن عملدارن وڏيرن جون زمينون پنهنجي قبضي ۾ آنديون ۽ مٿن ڳريون ڍلون مڙهي، ڪيترن ئي وڏيرن کي بازارن ۽ گھٽين ۾ چؤ کنڀو ٻڌي ڪاٺ چاڙهيو ويو ۽ کانئن زوريءَ اڳاڙيون شروع ڪري ڏنائون. ساڳيءَ ريت سوداگرن جي ٻيڙين تي به محصول مڙهيندا هئا، جيڪو کين هر حالت ۾ دستور کان ٻيڻو ٽيڻو ادا ڪرڻو پوندو هو. آخرڪار چڱن مڙسن اهي ظلم ڏسي جهانگير جي درٻار ڏانهن رخ ڪيو، جهانگير انهن ڏينهن ۾ لاهور ۾ هو. جڏهن فريادي پهتا ته سندن دادرسيءَ کان اڳ شير خواجه اٽڪل سان فريادين کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو ۽ هرهڪ کي دم دلاسو ڏئي گذرسفر لاءِ پروانا هٿ ۾ ڏنائين، جيئن هو اڳئين دستور موجب پنهنجين زمينن تي وڃي قبضو ڪن. عملدارن جيڪي ڪجھه کانئن زوريءَ کسيو هو، سو به سڀ ڪنهن کي واپس ڏياريائين ۽ پنهنجن عملدارن کي قيد ۾ وجھي مٿن ڏنڊ مڙهي ڇڏيائين ۽ انهن جي جاءِ تي ٽي ٻيا عملدار بکر تي مقرر ڪيائين. نوان عملدار عوام سان سٺو هلڻ لڳا، پر ٻيڙين تان ساڳيو حد کان وڌيڪ محصول اڳاڙيو ٿي ويو ۽ سوداگرن سان ساڳيو ئي ويل هو.
شير خواجه لاکاٽ پرڳڻي تي سيد مير عاقل کي فوجدار مقرر ڪيو. پڇاڙيءَ ۾ شير خواجه جي چوڻ تي مير عاقل سميجن ۽ انڙن سان وڏيون جٺيون ڪيون، انهن ۾ چڪريون به لڳيون ۽ سميجن کي شڪست ڏنائين. سميجن جا جيڪي ماڻهو جھلجي ٿي ويا، تن کي وڪرو پئي ڪيو ويو.
‘ماثر الامراءِ’ ۾ سندس تفصيلي ذڪر ملي ٿو. ‘بادشاهه نامه’ مان خبر پوي ٿي ته شاهجهان بادشاهه پهرين رجب المرجب 1037هه/26 فيبروري 1628ع تي شير خواجه کي ٺٽي جي حڪومت جو پروانو ڏنو ۽ شير خواجه ٺٽي ايندي واٽ تي وفات ڪئي. سندس وفات جو سال 1037هه/1628ع آهي.


لفظ شير خواجهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1628.02.26  عيسوي

شاهجهان بادشاهه پهرين رجب المرجب 1037هه/26 فيبروري 1628ع تي شير خواجه کي ٺٽي جي حڪومت جو پروانو ڏنو ۽ شير خواجه ٺٽي ايندي واٽ تي وفات ڪئي. سندس وفات جو سال 1037هه/1628ع آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام حيدر سولنگي
بولو کيدو
عبدالله خان ڪلهوڙو فقير
سيد دادن شاهه جهانيان
سوڀو گيانچنداڻي
مولانا قمر الدين انڍڙ
نارائڻ جگن ناٿ وئديه
پير ڪرهيو ڀانڊاري
خواجه محمد صالح کڙائي
ايلي ڪاٽ علي گوهر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون